ابن بطوطه جي ”جوڻاڻي“ شهر بابت ڪجهه درستگي


29 فيبروري 2011
29 فيبروري 2012ع
  " فاروق بجاراڻي/ڪنڌڪوٽ"

ابن بطوطه جي ”جوڻاڻي“ شهر بابت ڪجهه درستگي  
13 فيبروري 2012ع جي ڪاوش هائيڊ پارڪ نئون ديرو جي امام راشدي جو خط ڇپيو آهي، جنهن ۾ مشهور سياح ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ ذڪر ڪيل سنڌ جي جُناني يا جوڻاڻي شهر جي هنڌ بابت ڪجهه شڪ شبها ظاهر ڪيا ويا آهن. ابن بطوطه جو جُناني شهر وارهه جي اولهه ۾ واقع تاريخي شهر جوڻاڻي ئي آهي. مشهور ليکڪ ايم ايڇ پنهور سومرا خاندان جي تاريخ بابت لکيل ڪتاب جي باب ٻارهين ۾ به ابن بطوطه جو جُناني شهر وارهه ويجهو واقع شهر کي ئي قرار ڏنو آهي. در اصل ابن بطوطه آفريڪا جي مراڪش ملڪ کان دنيا جي سفر تي نڪتو هو ۽ ايران ۽ افغانستان کان ٿيندو گومل لڪ ذريعي موجوده بلوچستان جي علائقن زوب ۽ ڊيرا بگٽي کان ٿيندو سن 1333ع ۾ موجوده سنڌ جي حدن ۾ ڪنڌ ڪوٽ ۽ ٺل جي وچ واري علائقي يعني تنگواڻي جي آسپاس پهتو، جتان ان وقت سنڌو درياهه جو مشهور الُهندو وهڪرو يعني الهندو نارو وهندو هو، جيڪو ڪشمور وٽان درياهه جي مکيه وهڪري کان شروع ٿي منڇر ڍنڍ تائين ويندو هو. ابن بطوطه موجوده تنگواڻي ۽ ٺل جي آسپاس انهيءَ الهندي وهڪري ۾ ٻيڙيءَ تي سوار ٿيو ۽ ٻن ڏينهن جي سفر کانپوءِ جُناني شهر پهتو هو ۽ اتان کان وري انهيءَ وهڪري ذريعي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي سفر تي سيوهڻ پهتو هو، جتان وري درياهه جي مکيه وهڪري ذريعي ٺٽي طرف لاهري بندر پهتو ۽ ڪجهه ڏينهن اتي ترسڻ کانپوءِ وري سنڌو درياهه ذريعي واپسي جو سفر شروع ڪري بکر ۽ ملتان پهتو هو. خط جي ليکڪ امام راشدي اهو اعتراض اٿاريو آهي ته جُناني شهر ويجهو سنڌو درياهه يا ان جي ڪنهن وهڪري جي نشان جي ڪابه ثابتي نه ٿي ملي، جيڪو اعتراض بلڪل غلط آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ته هر هنڌ ثابت آهي ته اتر سنڌ ۾ درياهه جي مکيه وهڪري کان ساڄي پاسي تي هميشه درياهه جو هڪ ننڍو وهڪرو الهندو نارو وهندو هو، جيڪو جُناني شهر جي ڀرسان لنگهندو هو ۽ ابن بطوطه به ان ئي وهڪري ۾ ٻيڙي ذريعي سفر ڪيو هو ۽ هن وقت به انهيءَ الهندي ناري جا سرزمين تي نشان ڪشمور کان وٺي منڇر ڍنڍ ۽ سيوهڻ تائين نظر اچن ٿا. درياهه جو هي وهڪرو ڪشمور کان پهرين اتر طرف ۽ بعد ۾ ڏکڻ طرف کان شروع ٿي بخشاپور جي ڏکڻ کان ڦري، ڪنڌ ڪوٽ کان اٺ ڪلوميٽر اتر کان گذرندو بجار خان بجاراڻي جي ڳوٺ کان ٿيندو تنگواڻي کان ٽي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف کان  ٿيندو ڪرمپور بجاراڻي کان اٺ ڪلوميٽر اتر ۾ ڏياڻي ڳوٺ وٽان لنگهندو هو ۽ پوءِ اتان کان شڪارپور ضلعي جي زرخيل ۽ سلطان ڪوٽ کان چار ڪلوميٽر ڏکڻ طرف کان گذرندو هو. جنهن تي انگريزن جي 1880ع ۾ شڪارپور کان جيڪب آباد تائين ٺهرايل ريلوي لائين جي گذر واري هنڌ تي وڏي لوهي پل به ٺهيل آهي ۽ 2010ع جي مهاٻوڏ ۾ ٽوڙي بند جي ٻوڏ وارو پاڻي جڏهن بيگاري ڪينال کي ڀڃي ڏکڻ طرف شڪارپور ضلعي ۾ داخل ٿيو ته ان پاڻيءَ انهيءَ پراڻي وهڪري واري ڍوري وارو ئي رستو ورتو ۽ شڪارپور، جيڪب آباد روڊ کي به بلڪل ان هنڌ وٽان ئي ڀڃي ڇڏيائين، جتان اهو قديم وهڪرو گذرندو هو. سلطان ڪوٽ کانپوءِ اهو وهڪرو ڳڙهي ياسين کان ٽي ڪلوميٽر اتر ۾ گولي دڙي وٽان لنگهي رتيديري کان ست ڪلوميٽر اتر کان لنگهي ميري خان کان ڦري درگاهه حاڪم شاهه پٽ واري کان ٽي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف قمبر- شهداد ڪوٽ روڊ ڪراس ڪري ڊرگهه ڍنڍ کان گذرندو وارهه کان ٿورو اولهه طرف جواڻي يا جناني جي تاريخي ڳوٺ وٽان لنگهي هيٺ ڏکن طرف وڃي منڇر ڍنڍ ڏانهن ويندو هو،  جتان وري واپس درياهه جي مکيه وهڪري سان ملندو هو. درياهه جي هن قديم وهڪري جا نشان اڄ تائين به ڪشمور کان وٺي منڇر ڍنڍ تائين مختلف هنڌن تي ڍورن جي صورت ۾ موجود آهن ۽ ان سان گڏ مختلف جڳهن تي واريءَ جا دڙا به اها گواهي ڏيئي رهيا آهن. ايم ايڇ پنهور جي تازو ڇپيل مشهور ڪتاب ”Six thousand of history of irrigation of sindh“ جي نقشي نمبر 39 ۾ اولهندي ناري وارو اهو وهڪرو ”وارهه وهڪرو“ (Warah Course) جي نالي سان ڏيکاريل آهي. انهيءَ وقت اتر سنڌ ۾ درياهه جو مکيه وهڪرو ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور جي وچ ۾ واقع مشهور ”سنڌ ڍورو“ کان وهندو هو ۽ جڏهن چوڏهين صدي عيسوي کانپوءِ درياهه سنڌو درياهه وارو وهڪرو ڇڏي اوڀر طرف گهوٽڪي واري پاسي ڦري ويو ته درياهه جو جوڻاڻي کان وهندڙ اهو الهندو وهڪرو به بعد ۾ بند ٿي ويو ۽ اهو الهندو ناري وارو وهڪرو بعد ۾ سکر ۽ پوءِ وري لاڙڪاڻي وان درياهه جي مکيه وهڪري کان نڪرندو هو، جيڪو انگريزن جي دور تائين به وهندو هو ۽ منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو، جڏهن ته ڪشمور، سلطان ڪوٽ ۽ جوڻاڻي واري بند ٿيل وهڪري ۾ بعد ۾ صرف درياهه ۾ وڏي ٻوڏ مهل اٿل وارو پاڻي ڪشمور وٽان وهندو منڇر ڍنڍ تائين ويندو هو، جن کي لاڙڪاڻي ۽ دادو ۾ ڪشمور واريون ٻوڏون سڏيو ويندو آهي. ابن بطوطه 1333ع ۾ جوڻاڻي جي شهر کي تعريف لائق سمجهيو آهي. ايم ايڇ پنهور جي تحقيق موجب جوڻاڻي کي 1351ع ڌاري سمن باهه ڏيئي ساڙيو هو. جڏهن سمن سنڌ ۾ سومرن کان حڪومت کسي هئي ۽ سومرن خلاف سمن تشدد کان به ڪم ورتو هو ۽ جوڻاڻي سومرن جو شهر هو. ان کانسواءِ شايد درياهه جي انهيءَ قديم الهندي وهڪري جي بند ٿيڻ ڪري به جوڻاڻي جو عاليشان شهر برباد ٿي ويو، جنهن جا کنڊر اڄ به وارهه ويجهو موجود آهن. مٿين ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته ابن بطوطه جو جُناني شهر اهو وارهه وارو جوڻاڻي ئي آهي ۽ ان دور ۾ جوڻاڻي وٽان درياهه جو هڪ وهڪرو به وهندو هو.

                              " فاروق بجاراڻي/ڪنڌڪوٽ"

Comments

Popular posts from this blog

ATTENTION 03-BATCH QUEST NAWABSHAH:

Ankara blast, Turkey vows retaliation

https://www.youtube.com/watch?v=6MePJ0CH-oU